پُلاءُ جِيري

پُلاءُ جِيري

پلاء جِيري

پُلاءُ جِيري (Black Cumin Seed): هڪ قسم جو خوشبودار ٻج آهي، جيڪو سُرهي ۽ گرم مصالحن طور ڪم ايندو آهي. خاص ڪري پُلاءَ ۾ هي مصالحو وجهندا آهن، جيڪو ”پلاءَ جيريءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن جي شڪل اڇي جيري جهڙي ٿيندي آهي، پــر مــاپ ۾ نـنــڍي هـئــڻ ڪري ’جيري‘ سڏيو ويو آهي، هن جو هڪ قسم ڪاري جيري پڻ آهي، جيڪا خوشبوءَ ۽ سواد ۾ ٿوري وڌيڪ تيز ٿئي ٿي. هن کي”سُرهه جيري“ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو.
هي ڪارو ۽ تمام سنهڙو، ڊگهيڙو خوشبــودار ٻـج آهـي، حڪيمن موجب پلاءُ جيري طبي لحاظ سان آنڊن، جگر ۽ معدي لاءِ مقوي آهي، طعام کي هضم ڪري، بک لڳائي ٿي، وائي بادي تحليل ڪري ٿي، پيٽ جي سور، هڏڪي، ٻرهل جي سوڄ ۽ يرقان جي بيمارين ۾ فائدو ڏيندڙ آهي. دستن کي بند ڪري ٿي. پيشاب جاري ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو